1.بادشاهَہ 10:5 - Muslim Sindhi Bible5 سندس دسترخوان جا طعام، سندس عملدارن جو ويهڻ، سندس خدمتگارن جو پنهنجي وردي ۾ حاضر رهڻ، سندس ساقي ۽ خداوند جي هيڪل ۾ جيڪي سليمان ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون ٿي سي سڀ ڏٺائين تہ هوش هواس اڏامي ويس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 ۽ سندس دسترخاني جو طعام، ۽ سندس نوڪرن جو ويهڻ، ۽ سندس خدمت گارن جو حاضر رهڻ، ۽ اُنهن جي پوشاڪ، ۽ سندس شراب پيارڻ وارا، ۽ جنهن ڏاڪڻ تان چڙهي هو خداوند جي گهر ويندو هو، اُها ڏٺائين: تڏهن هوش حواس اُڏامي ويس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“
امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.