Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 10:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تنهن کان علاوہ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ انهيءَ جي مٿان تمام عمدو سون چاڙهايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تنهن کان سواءِ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ اُنهيءَ جي مٿان تمام عمدو سون مڙهيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 10:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُنهيءَ تخت کي ڇهہ ڏاڪا هئا ۽ تخت جي چوٽي پٺيان گول هئي. تخت کي ٻنهي پاسن کان ٻانهيون هيون ۽ انهن ٻنهي ٻانهين جي ڀرسان ٻن شينهن جا مجسما بيٺل هئا.


بادشاهہ کي حيرام جي سامونڊي جهازن سان گڏ تجارتي سامونڊي جهاز بہ هئا. ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو اُهي جهاز سون، چاندي ۽ عاج، باندر ۽ مور کڻي موٽندا هئا.


اخي‌اب جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا، عاج سان سينگاريل گھر جيڪو هن ٺهرايو ۽ سڀ شهر جيڪي هن تعمير ڪرايا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“


اُتي عدالت وارو شاهي تخت قائم آهي، يعني دائود جي شاهي گھراڻي جو تخت.


تنهنجي تخت کي خدا هميشہ هميشہ لاءِ قائم ڪيو آهي. تنهنجي شاهي لٺ عدل وَ انصاف واري لٺ آهي.


تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.


تنهنجا ونجھہ هنن بسن علائقي جي شاهہ‌بلوط وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا، ۽ هنن قبرص ٻيٽ مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي تنهنجا اندريان مٿيان تختا ٺاهيا هئا جن تي عاج جڙايو هئائون.


اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن ۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر پنهنجي فرزند کي هو فرمائي ٿو تہ ”اي خدا! تنهنجو تخت هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو. تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي.


سون، چاندي، هيرا جواهرات، موتي، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ريشمي توڙي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهو ڪپڙو، سڀ سرهيون ڪاٺيون، عاج توڙي تمام قيمتي ڪاٺ مان ۽ پتل، لوهہ ۽ سنگمرمر مان ٺهيل هر قسم جون شيون،


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ