Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ ادونياہ وڃي يوآب، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي تنهن سان ۽ ابي‌ياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ هو ٻئي سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هن يوآب بن ضروياہ، ۽ ابياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي: ۽ هو ادونياہ جي پٺيان لڳي سندس مدد ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابي‌سلوم قربانيون ادا پئي ڪيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جِلونيءَ کي سندس شهر جِلوہ مان گھرائي ورتو. سازش وڌندي ويئي ۽ ابي‌سلوم جي پوئلڳن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.


اتي صدوق ۽ ابي‌ياتر ٻئي ڪاهن تو سان گڏ هوندا. تنهنڪري جيڪا بہ ڳالهہ تون بادشاهہ جي محلات مان ٻڌين، سا صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن کي ٻڌائي ڇڏجانءِ.


يوآب بني اسرائيل جي سڄي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو. بناياہ ولد يهويدع شاهي محافظن جو سالار هو.


سوا شاهي محرر هو ۽ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهن هئا.


يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہ‌سالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.


بادشاهہ سليمان ڪاوڙ وچان پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو تہ ”تون ادونياہ لاءِ رڳو شونيم ڳوٺ واري اِبي‌شاگ ڇو ٿي گھرين؟ تون تہ هن لاءِ بادشاهي بہ گھر، آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، بلڪ ابي‌ياتر ڪاهن ۽ منهنجي پيءُ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب لاءِ بہ ڪجھہ نہ ڪجھہ گھر.“


دائود چيو هو تہ ”جنهن بہ سڀ کان پهريان يبوسين تي حملو ڪري کين ماري وڌو سو ئي لشڪر جو سپهہ سالار ٿيندو.“ تڏهن يوآب جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جو پٽ هو، تنهن پهريائين ڪاهہ ڪئي هئي، تنهنڪري هو ئي لشڪر جو سپهہ سالار بڻايو ويو.


اخيتفل جي وفات کان پوءِ يهويدع ولد بناياہ ۽ ابي‌ياتر مشير بڻيا. شاهي فوج جو سپهہ‌سالار يوآب هو.


خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ