Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:53 - Muslim Sindhi Bible

53 پوءِ بادشاهہ سليمان ماڻهو موڪليا جيڪي هن کي قربان‌گاهہ کان وٺي آيا. ادونياہ آيو ۽ اچي سليمان بادشاهہ کي ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڏنائين. تڏهن سليمان کيس چيو تہ ”تون پنهنجي گھر هليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 پوءِ سليمان هن کي گهرايو، ۽ ماڻهو هن کي قربانگاهہ کان وٺي آيا. ۽ هن اچي سليمان بادشاهہ کي تعظيم ڏني، ۽ سليمان چيس تہ تون پنهنجي گهر هليو وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:53
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪر‌گاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.


پر بادشاهہ چيو تہ ”هو ڀلي پنهنجي گھر وڃي، مگر منهنجي منهن نہ چڙهي.“ تنهنڪري ابي‌سلوم پنهنجي گھر هليو ويو ۽ بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.


ابي‌سلوم پورا ٻہ سال يروشلم ۾ رهيو، پر هو بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.


تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ جيڪي ابي‌سلوم چيو هئس سو کيس ٻڌايائين. پوءِ بادشاهہ ابي‌سلوم ڏانهن ماڻهو موڪليو تہ هو بادشاهہ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان زمين تي جھڪي کيس تعظيم ڏنائين. تڏهن بادشاهہ ابي‌سلوم کي چميو.


بت‌سبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏني ۽ بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“


تڏهن بت‌سبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ ”شل منهنجو آقا بادشاهہ دائود سدائين سلامت رهي!“


تڏهن سليمان چيو تہ ”جيڪڏهن هو پاڻ کي لائق ماڻهو ثابت ڪندو تہ پوءِ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو، پر جيڪڏهن هن ۾ ڪا شرارت ڏٺي ويئي تہ پوءِ هو ماريو ويندو.“


جڏهن دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا تڏهن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪري چيائين تہ


تنهن کان پوءِ سليمان بادشاهہ شمعيءَ کي گھرائي چيو تہ ”پنهنجي لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو گھر ٺهرائي انهيءَ ۾ رهہ ۽ شهر کان ٻاهر ٻئي ڪنهن بہ پاسي نہ وڃ.


اي منهنجا ٻارؤ! خداوند جو خوف ۽ پنهنجي بادشاهہ جي تعظيم ڪندا رهو، ۽ نافرمان ماڻهن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ