Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:52 - Muslim Sindhi Bible

52 تڏهن سليمان چيو تہ ”جيڪڏهن هو پاڻ کي لائق ماڻهو ثابت ڪندو تہ پوءِ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو، پر جيڪڏهن هن ۾ ڪا شرارت ڏٺي ويئي تہ پوءِ هو ماريو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 تڏهن سليمان چيو تہ جيڪڏهن هو لائق ماڻهو ٿي هلندو تہ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو: پر جي هن ۾ ڪا شرارت لڀندي تہ هو مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:52
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“


تڏهن سليمان بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ”ادونياہ اوهان کان ڊڄي ٿو. هو قربان‌گاهہ جي سڱن کي چنبڙيو پيو آهي ۽ چوي ٿو تہ ’پهريائين سليمان بادشاهہ مون سان قسم کڻي تہ هو پنهنجي هِن ٻانهي کي قتل نہ ڪرائيندو.‘“


پوءِ بادشاهہ سليمان ماڻهو موڪليا جيڪي هن کي قربان‌گاهہ کان وٺي آيا. ادونياہ آيو ۽ اچي سليمان بادشاهہ کي ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڏنائين. تڏهن سليمان کيس چيو تہ ”تون پنهنجي گھر هليو وڃ.“


شريرن کي اميد ئي ڪانهي تہ هو ڪو اونداهيءَ جي حالت مان نڪري ايندا، بلڪ هو ڄاڻين ٿا تہ سندن موت جو ڏينهن تمام ويجھو آهي. بيشڪ تلوار هنن لاءِ منتظر آهي، ۽ سندن لاشن کي ڳجھن جي کائڻ لاءِ اڇلايو ويندو.


نيڪ انسان سچائيءَ جي ڪري محفوظ رهندا، مگر گنهگار انسان بدڪاريءَ جي ڪري برباد ٿي ويندا.


سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو.


جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“


پر اوهين بلڪل محفوظ آهيو.


آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“


تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ