1.بادشاهَہ 1:5 - Muslim Sindhi Bible5-6 ابيسلوم جي موت کان پوءِ ادونياہ جيڪو دائود کي حجيت نالي زال مان ڄاول پٽ هو ۽ ٻين سڀني پٽن کان وڏو هو، سو ڳاٽ مٿي ڪري چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بادشاهہ ٿيندس.“ هن پنهنجي لاءِ گھوڙي گاڏيون، سوار ۽ پنهنجي اڳيان ڊوڙندا هلڻ لاءِ پنجاهہ محافظ بہ تيار ڪيا. هو خوبصورت بہ تمام گھڻو هو ۽ سندس پيءُ هن کي ڄمڻ کان وٺي ڪڏهن ائين چئي بہ نہ رنجايو هو تہ هن هيئن ڪي هونئن ڇو ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 تڏهن ادونياہ بن حجيت، وڏائيءَ جو دم هڻي چوڻ لڳو تہ آءٌ بادشاهہ ٿيندس: ۽ هن پنهنجي لاءِ گاڏيون ۽ گهوڙي سوار تيار ڪيا، ۽ پنجاهہ ماڻهو بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان ڊوڙي هلن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |