Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:34 - Muslim Sindhi Bible

34 اُتي صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي سليمان کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻجڻ لاءِ مسح ڪن. پوءِ اوهين نفيلون وڄائي چئجو تہ ’بادشاهہ سليمان زندہ آباد!‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:34
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڳجھا قاصد موڪلي کين چوايو تہ ”جڏهن اوهين نفيلن جو آواز ٻڌو تڏهن نعرا هڻي چئجو تہ ’ابي‌سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.‘“


پوءِ يهوداہ جا ماڻهو حبرون ۾ آيا ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري کيس يهوداہ جي قبيلي مٿان بادشاهہ بڻايو. جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن ئي سائول کي دفن ڪيو هو،


تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


ڇاڪاڻ تہ هن اڄ وڃي گھڻي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قربان ڪيون آهن. هن سڀني شهزادن، تنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ابي‌ياتر ڪاهن جي دعوت ڪئي آهي. هينئر هو ساڻس گڏ کائن پيئن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’ادونياہ بادشاهہ زندہ آباد.‘


تنهن کان پوءِ اوهين هيڏانهن هن جي پٺيان لڳي اچو ۽ هو اچي منهنجي تخت تي ويهي ۽ منهنجي جاءِ تي هو بادشاهي ڪري. مون هن کي بني يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


صدوق ڪاهن خداوند جي عهد جي صندوق واري تنبوءَ مان جيڪو زيتون جي تيل وارو سڱ آندو هو تنهن مان تيل کڻي سليمان کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيائين. تڏهن هنن نفيلون وڄايون ۽ سڀني ماڻهن وڏي آواز سان چيو تہ ”بادشاهہ سليمان زندہ آباد!“


نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ کي پڻ مسح ڪري اسرائيل جو بادشاهہ مقرر ڪر ۽ ابيل محولاہ واري اليشع ولد شافاط کي مسح ڪر تہ هو تنهنجي جاءِ تي نبي ٿئي.


تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ دستور موجب ٿنڀي جي پاسي ۾ بيٺو هو. سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا هئا. سڀيئي ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ شرنايون پيا وڄائين. تڏهن عتلياہ جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“


تڏهن انهن مان هر هڪ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي پنهنجي چادر لاهي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇائي. پوءِ هنن نفيلون وڄائي وڏي واڪي چيو تہ ”ييهو بادشاهہ آهي.“


پوءِ اها دنگي ڪڍي هن جي مٿي تي تيل پئٽي خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانس تہ ’مون تو کي مسح ڪري اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ بڻايو آهي.‘ پوءِ تون دروازو کولي وٺي ڀڄجانءِ ۽ ترسجانءِ نہ.“


ييهو اٿيو ۽ انهيءَ نبيءَ سان گڏ اندر گھر ۾ گھڙي ويو. تڏهن نبيءَ اهو تيل هن جي مٿي تي وڌو ۽ چيائينس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون خداوند تو کي مسح ڪري پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو آهي.


تنهن بعد يهويدع جي اڳواڻيءَ ۾ شهزادي يوآس کي ٻاهر آندو ويو ۽ سندس مٿي تي تاج پهرايو ويو. پوءِ شهزادي کي بادشاهيءَ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب ڏيئي پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. انهيءَ لاءِ يهويدع ۽ سندس پٽن کيس مسح ڪيو ۽ پوءِ سڀيئي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


تون نيڪيءَ سان محبت ۽ بدڪاريءَ کان نفرت ٿو ڪرين، تنهنڪري خدا، هائو، تنهنجي خدا خوشيءَ وارو تيل کڻي ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ تنهنجي مٿان پئٽيو آهي.


اهو منهنجو ٻانهو دائود ئي آهي، جنهن کي مون پنهنجي خاص تيل سان مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين سج قائم آهي، تيستائين آءٌ سندس تخت قائم رکندس.


خداوند خورس کي شهنشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو. هن کيس قومن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ بادشاهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ کيس موڪليائين. هائو، خداوند هن جي لاءِ شهرن جا دروازا کولي ڇڏيندو، ۽ هن لاءِ ڪابہ رڪاوٽ نہ رهندي.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“


قربانيءَ تي يسيءَ کي بہ دعوت ڏجانءِ. پوءِ آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. جنهن ماڻهوءَ جي نالي آءٌ تو کي چوان تنهن کي تون بادشاهہ ٿيڻ لاءِ منهنجي طرفان مسح ڪجانءِ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ