Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ هنن سڄي بني اسرائيل ۾ خوبصورت ڇوڪريءَ جي ڳولا ڪئي ۽ شونيم ڳوٺ ۾ اِبي‌شاگ نالي هڪ ڇوڪري لهي هٿ ڪيائون جنهن کي بادشاهہ وٽ آڻي پيش ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تڏهن هنن اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري ڳولي، ۽ شونميت ابي شاگ لڌائون، جا وٺي بادشاهہ وٽ آندائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري عملدارن کيس چيو تہ ”قبلا، اوهان جي لاءِ ڪا ڪنواري ڇوڪري ڳولي هٿ ڪجي، جيڪا اوهان جي خدمت ۾ رهي ۽ اوهان جي سنڀال ڪري. اها اوهان جي ڪڇ ۾ سمهي تہ جيئن اوهان کي گرم رکي.“


اها ڇوڪري نهايت حسين هئي. هوءَ بادشاهہ جي سار سنڀال لهندي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪندي رهي، پر بادشاهہ ساڻس صحبت نہ ڪئي.


سو هوءَ رواني ٿي ۽ ڪرمل جبل تي انهيءَ خدا جي ٻانهي وٽ آئي. جڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي هن کي پري کان ايندو ڏٺو تڏهن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيائين تہ ”ڏس، هوءَ شونيمي عورت پيئي اچي.


هڪڙي ڏينهن اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويو. اتي هڪڙي شاهوڪار عورت رهندي هئي جنهن اليشع تي زور ڀريو تہ ”اسان جي دعوت کاءُ.“ انهيءَ کان پوءِ جڏهن بہ اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويندو هو تہ انهيءَ عورت وٽ ماني کائيندو هو.


تڏهن شهنشاهہ جي ڪن خاص خدمتگارن شهنشاهہ کي صلاح ڏني تہ سندس لاءِ سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون ڳولي هٿ ڪيون وڃن.


پوءِ جيڪا جوان ڇوڪري شهنشاهہ کي وڻي سا وشتيءَ جي جاءِ تي سندس راڻي ٿئي. اها صلاح شهنشاهہ کي ڏاڍي وڻي سو هن ائين ئي ڪيو.


سندن سرحد اندر هي شهر هئا: يزرعيل، ڪسولوت، شونيم،


پوءِ جڏهن فلستي گڏ ٿيا ۽ اچي شونيم ڳوٺ جي ڀرسان خيما کوڙيائون، تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ