22 هن اڃا بادشاهہ سان ڳالهايو ئي پئي تہ ناتن نبي بہ اتي اچي پهتو.
22 ۽ ڏس، اڃا هن بادشاهہ سان پئي ڳالهايو تہ ناتن نبي اندر گهڙي آيو.
مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم.
اڃا هن دعا پوري ئي ڪانہ ڪئي هئي تہ ربقہ آئي ۽ دلو سندس ڪلهي تي هو. هوءَ بيتوايل جي ڌيءَ هئي جيڪو ابراهيم جي ڀاءُ نحور جي زال مِلڪاہ جو پٽ هو.
تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“
نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“
بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ناتن نبي آيو آهي. جڏهن ناتن نبي بادشاهہ جي اڳيان آيو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين.