Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر ادونياہ اڳي ئي بادشاهہ بڻجي ويٺو آهي ۽ منهنجا آقا بادشاهہ، توهان کي انهيءَ جي ڪابہ خبر ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ هاڻي ڏس، ادونياہ بادشاهي پيو ڪري؛ ۽ منهنجا سائين بادشاهہ، توکي انهيءَ جي ڪابہ خبر ڪانهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڳجھا قاصد موڪلي کين چوايو تہ ”جڏهن اوهين نفيلن جو آواز ٻڌو تڏهن نعرا هڻي چئجو تہ ’ابي‌سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.‘“


تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت‌سبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي.


هن کيس وراڻيو تہ ”قبلا سائين! توهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم کڻي چيو هو تہ ’مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.‘


هن وڏي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قرباني ڪيون آهن ۽ توهان جن سڀني پٽن کي، ابي‌ياتر ڪاهن کي ۽ يوآب سپهہ‌سالار کي دعوت ڏيئي گھرايو اٿس، پر توهان جي پٽ سليمان کي نہ سڏيو اٿائين.


پوءِ ناتن چيو تہ ”منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان ائين چيو آهي ڇا تہ ’مون کان پوءِ ادونياہ بادشاهي ڪري ۽ منهنجي تخت تي ويهي‘؟


ڇا اهو ڪم منهنجي ڌڻي بادشاهہ ڪيو آهي؟ پنهنجي ٻانهن کي ٻڌايو بہ نہ اٿوَ تہ اوهان کان پوءِ ڪير اوهان جي تخت تي ويهندو.“


ابي‌سلوم جي موت کان پوءِ ادونياہ جيڪو دائود کي حجيت نالي زال مان ڄاول پٽ هو ۽ ٻين سڀني پٽن کان وڏو هو، سو ڳاٽ مٿي ڪري چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بادشاهہ ٿيندس.“ هن پنهنجي لاءِ گھوڙي گاڏيون، سوار ۽ پنهنجي اڳيان ڊوڙندا هلڻ لاءِ پنجاهہ محافظ بہ تيار ڪيا. هو خوبصورت بہ تمام گھڻو هو ۽ سندس پيءُ هن کي ڄمڻ کان وٺي ڪڏهن ائين چئي بہ نہ رنجايو هو تہ هن هيئن ڪي هونئن ڇو ڪيو آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ