Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 بت‌سبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏني ۽ بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ بت سبع ڪنڌ جهڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏني؛ ۽ بادشاهہ چيو تہ ڇا ٿي گهرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بت‌سبع بادشاهہ وٽ ڪوٺيءَ ۾ ويئي، جتي شونيم ڳوٺ واري ڇوڪريءَ اِبي‌شاگ ضعيف بادشاهہ جي خدمت چاڪري پئي ڪئي.


هن کيس وراڻيو تہ ”قبلا سائين! توهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم کڻي چيو هو تہ ’مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.‘


بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ناتن نبي آيو آهي. جڏهن ناتن نبي بادشاهہ جي اڳيان آيو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين.


پوءِ هوءَ چوڻ لڳي تہ ”آءٌ تو کي هڪڙو ننڍڙو عرض ٿي ڪريان، مهرباني ڪري مون کان انڪار نہ ڪجانءِ.“ بادشاهہ وراڻيو تہ ”اما ڀلي چئُہ، آءٌ تو کان انڪار نہ ڪندس.“


ان ٻئي ڏينهن تي بہ مئي پيئڻ وقت شهنشاهہ راڻي آستر کان وري پڇيو تہ ”راڻي آستر! تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اهو قبول ڪيو ويندو. تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟ شهنشاهت جو اڌ بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنهن تي هُن چيس تہ ”سائين! واعدو ڪريو تہ جڏهن اوهان جي بادشاهي اچي تہ منهنجو هڪڙو پٽ اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويهي.“


تنهن تي عيسيٰ بيهي رهيو ۽ انهن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڇا ٿا چاهيو جيڪو آءٌ اوهان جي لاءِ ڪريان؟“


جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.


تڏهن دائود بہ اٿيو ۽ غار مان نڪري اچي سائول کي سڏي چيائين تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ!“ سائول منهن ورائي پٺتي نهاريو تہ دائود منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏني


جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جھٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان زمين تي منهن رکي کيس تعظيم ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ