Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تون بادشاهہ دائود وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ ’قبلا سائين! ڇا اوهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان قسم کڻي نہ چيو هو تہ منهنجو پٽ سليمان اوهان کان پوءِ ضرور بادشاهي ڪندو ۽ اوهان جي تخت تي ويهندو؟ تہ پوءِ ادونياہ ڇو بادشاهہ بڻجي ويٺو آهي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تون بادشاهہ دائود وٽ وڃ، ۽ چئينس تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان قسم کڻي نہ چيو هو ڇا تہ تنهنجو پٽ سليمان ضرور مون کان پوءِ بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو؟ تڏهن ادونياہ ڇو ٿو بادشاهي ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت‌سبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي.


تون اڃا بادشاهہ سان ڳالهائيندي ئي پيئي هوندينءَ تہ آءٌ بہ تنهنجي پٺيان اچي ويندس ۽ تنهنجي ڳالهہ جي تصديق ڪندس.“


هن کيس وراڻيو تہ ”قبلا سائين! توهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم کڻي چيو هو تہ ’مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.‘


پوءِ ناتن چيو تہ ”منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان ائين چيو آهي ڇا تہ ’مون کان پوءِ ادونياہ بادشاهي ڪري ۽ منهنجي تخت تي ويهي‘؟


تہ جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کڻي مون تو کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ سليمان مون کان پوءِ ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو، تيئن اڄ آءٌ ضرور ڪندس.“


تنهن کان پوءِ اوهين هيڏانهن هن جي پٺيان لڳي اچو ۽ هو اچي منهنجي تخت تي ويهي ۽ منهنجي جاءِ تي هو بادشاهي ڪري. مون هن کي بني يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


دعا گھري چيو تہ ’شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي جنهن اڄ مون کي منهنجي تخت تي منهنجو وارث ويهندي ڏيکاريو آهي.‘“


سو سليمان پنهنجي پيءُ دائود جي تخت تي ويٺو ۽ سندس بادشاهت نهايت مضبوط ٿي.


جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.


سو سليمان خداوند جي تخت تي پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ٿي ويٺو. هو بخت ۾ وڌندو ويو ۽ سڄو بني اسرائيل سندس فرمانبردار ٿيو.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


تهڙيءَ طرح اهو بہ ممڪن ناهي جو جيڪو عهد مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ٻڌو آهي سو ٽٽي پوي ۽ دائود جو ڪوبہ اولاد باقي نہ رهي جيڪو سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪري. ساڳيءَ طرح اهو بہ ناممڪن آهي جو منهنجو لاوين سان ٻڌل عهد ٽٽي سگھي ۽ منجھن ڪو ڪاهن نہ هجي جيڪو منهنجو خدمتگار ٿئي.


هو پنهنجي بادشاهہ بڻجڻ وقت خدا جي شريعت، جيڪا لاوي ڪاهنن وٽ هوندي، تنهن جو پنهنجي لاءِ هڪڙو نقل ڪرائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ