تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بتسبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي.
هن وڏي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قرباني ڪيون آهن ۽ توهان جن سڀني پٽن کي، ابيياتر ڪاهن کي ۽ يوآب سپهہسالار کي دعوت ڏيئي گھرايو اٿس، پر توهان جي پٽ سليمان کي نہ سڏيو اٿائين.