Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي چڪو هو. توڙي جو سندس نوڪر کيس سوڙيون ويڙهيندا هئا تہ بہ هو پاڻ کي گرم نہ رکي سگھندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هنن ڪپڙن سان گهڻو ئي ڍڪيس، پر هن ۾ گرمي پيدا نہ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 1:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ ابراهيم ۽ سارہ تمام ٻڍا هئا ۽ سارہ کي ماهواري اچڻ بند ٿي ويئي هئي،


ابراهيم تمام پوڙهو ٿي ويو هو ۽ خداوند سڀني ڳالهين ۾ کيس برڪت ڏني هئي.


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.


دائود جي عمر ان وقت ٽيهہ سال هئي جڏهن هو بادشاهہ ٿيو. هن چاليهہ سال بادشاهي ڪئي.


تڏهن بت‌سبع بادشاهہ وٽ ڪوٺيءَ ۾ ويئي، جتي شونيم ڳوٺ واري ڇوڪريءَ اِبي‌شاگ ضعيف بادشاهہ جي خدمت چاڪري پئي ڪئي.


تنهنڪري عملدارن کيس چيو تہ ”قبلا، اوهان جي لاءِ ڪا ڪنواري ڇوڪري ڳولي هٿ ڪجي، جيڪا اوهان جي خدمت ۾ رهي ۽ اوهان جي سنڀال ڪري. اها اوهان جي ڪڇ ۾ سمهي تہ جيئن اوهان کي گرم رکي.“


جڏهن دائود تمام پوڙهو ٿي ويو، تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي بني اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو.


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


وري جيڪڏهن ٻہ ڄڻا گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن. پر هڪڙو اڪيلو ماڻهو ڪيئن گرم رهي سگھندو؟


انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي زال مڙس پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا.


هاڻ يشوع تمام پيرسن ٿي چڪو هو. خداوند کيس فرمايو تہ ”تون تمام ٻڍو ٿي ويو آهين، پر اڃا گھڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ