Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 5:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي گناهہ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن حفاظت اهو ٿو ڪري جيڪو خدا جو فرزند آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو خدا مان پيدا ٿيل آهي سو گناهہ نٿو ڪري؛ پر جيڪو خدا مان پيدا ٿيو هو، سو هن جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو بڇڙو کيس هٿ لائي نٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي ايشور پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي پاپ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن سنڀال اهو ٿو ڪري جيڪو ايشور جو پٽ آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 5:18
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون پنهنجا قدم هر بُري واٽ کان پري رکيا آهن، تان‌تہ آءٌ تنهنجي فرمان تي هلندو رهان.


بيشڪ اهي ڪا ئي بڇڙائي ڪين ٿا ڪن، بلڪ خداوند جي واٽن تي هلندا ٿا رهن.


جيڪا عام انسان جي زبان مان نڪري ٿي. تنهنجي فرمان جي مدد سان مون ظالمن جي واٽن تي هلڻ کان پاڻ کي روڪيو آهي.


آءٌ هن جي حضور ۾ بي‌ڏوهي رهندو آيس، هائو، مون پنهنجو پاڻ کي گناهن کان روڪي رکيو.


مون اهو فيصلو ڪيو هو تہ آءٌ پنهنجين واٽن تي هوشياريءَ سان هلندس، تان‌تہ آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ ڪري نہ وجھان. پوءِ منهنجي اڳيان جيستائين بڇڙا ماڻهو هوندا، تيستائين آءٌ پنهنجي وات کي لغام ڏيئي ڇڏيندس.


سوچ ويچار ڪرڻ ۾ خبرداريءَ کان ڪم وٺو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زندگي اوهان جي خيالن سان ئي گھڙجي تيار ٿئي ٿي.


جيڪڏهن انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو اهڙي ٻج تي ڪري، جيڪو ٻنيءَ ۾ پوکڻو هجي تہ اهو ٻج پاڪ رهندو.


پر قسم کڻڻ جي بدران رڳو ’ها‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آهي.“


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


اهي رواجي طرح جسماني خواهش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


اوهين مون ۾ رهو ۽ آءٌ اوهان ۾ رهندس. ڪابہ ٽاري تيستائين ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اها ول ۾ نہ ٿي رهي. اهڙيءَ طرح اوهين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رهو.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


جيئن پيءُ مون سان پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان سان پيار ڪيو آهي. هاڻي اوهين منهنجي پيار ۾ رهو.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


اوهين فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج، يعني خدا جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آهي.


جيئن تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح سچار آهي، تہ پوءِ اوهين اهو بہ پڪ ڄاڻو تہ جيڪو بہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري تنهن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي.


اوهين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو ابليس جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قابيل پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قابيل جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.


جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو مسيح پاڪ آهي.


جيڪو خدا جو ٻار آهي سو گناهہ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو خدا جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو گناهہ ڪري ئي نہ ٿو سگھي.


پر اسين خدا جا آهيون. جيڪو خدا کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ وارو روح آهي ۽ ڪنهن ۾ گمراهيءَ وارو روح.


جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


جيئن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان جي ٻڌي ٿو، تيئن اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسين کانئس گھرون ٿا سو هو اسان کي ڏئي ٿو.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آهي.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ خدا جو ٻار بڻيو آهي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اها فتح جنهن اسان کي دنيا تي فاتح ڪيو آهي سا آهي اسان جو ايمان.


خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ