Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو تہ ”جهڙو خدا جو ٻانهو تون آهين تهڙو آءٌ بہ آهيان. خداوند جي حڪم سان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو آهي تہ ’هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر وٺي اچ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي.‘“


نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي.


تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.


سو قادرِمطلق خداوند يروشلم وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي نبي سڏائيندڙ اوهان جي اڳيان پيغام ڏين ٿا تن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اهي اوهان کي ڪوڙين اميدن سان ڀرپور ڪن ٿا. اهي مون خداوند جون چيل ڳالهيون نہ، بلڪ پنهنجي دل جا خيال وَ خواب ئي اوهان کي ٻڌائين ٿا.


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح هوڏانهن آهي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو،


جيڪو حق آهي تنهن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟


عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا.


پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.


خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين.


جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي خدا جو پيغام آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو.


سڀني ڳالهين کي پرکيو، جيڪا چڱي هجي تنهن کي اختيار ڪريو


اوهين ايترو جلدي پنهنجن خيالن ۾ ڊانوانڊول نہ ٿجو، نڪي اوهين پريشان ٿجو جڏهن ماڻهو اهو چون تہ خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي، توڙي جو هو دعويٰ ڪن تہ اها خبر پاڪ روح کان، يا ڪنهن پيغام مان يا وري اسان وٽان آيل ڪنهن خط مان پيئي آهي.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا.


پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ نبي سڏائيندڙ ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي تعليم ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ بدعتون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.


پيارا ٻارؤ! هي آخري وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ هي ئي آخري وقت آهي.


اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي پيغام آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ دنيا ۾ ڪيترائي گمراهہ ڪندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي راهہ تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو خدا جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن خدا کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ