Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اي عزيزؤ! هاڻي اسين خدا جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اي پريميؤ! هاڻي اسين ايشور جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:2
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ آءٌ پنهنجي هن ئي بدن ۾ رهي خدا آڏو ضرور بيهندس، توڙي جو منهنجي کل کي ماس کان ڳاري لاٿو وڃي،


تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون.


اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


اي خداوند! تنهنجي ڀلائي ڪيڏي نہ عظيم آهي! جيڪا تو پنهنجي تعظيم ڪرڻ وارن لاءِ گڏ ڪري رکي آهي، ۽ جيڪا تو ماڻهن آڏو پنهنجي پناهہ ۾ آيلن تي ظاهر ڪئي آهي.


تن جي يادگار لاءِ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي چوديواريءَ اندر، سندن نالي جو ڄڻڪ هڪ ٿنڀو کڙو ڪندس، ۽ اهو يادگار انهيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندو، جو ٻارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي. هائو، آءٌ انهن مان هر هڪ جو نالو اهڙو قائم ڪندس، جيڪو ڪڏهن بہ مٽجي نہ سگھندو.


جڏهن اهو پيغمبر ظاهر ٿيندو تڏهن ڪوبہ سندس اڳيان بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگر آهي.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا کي ڏسندا.


سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنهن وقت ابنِ آدم ظاهر ٿيندو.


اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي ملائڪن جهڙا هوندا. هائو، اهي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيئرا ڪيل هوندا.


پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو خدا جا ٻار ٿين.


۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


اهو پاڪ روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آهيون.


سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.


سڄي مخلوقات ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن خدا جا ٻار انهيءَ جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.


ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.


يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جي صورت ملي آهي، تهڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ضرور ملندي.


پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي خدا جا ٻار بڻجي ويا آهيو.


جيئن تہ اوهين خدا جا ٻار آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اوهان جي دلين ۾ بہ موڪليو آهي. اهو پاڪ روح ”بابا، اي بابا!“ چئي پڪاري ٿو.


هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جي زندگي آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي واعدا پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي دنيا جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس الاهي ذات ۾ شامل ٿي وڃو.


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي پيغام آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.


ڏسو، خدا پيءُ جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر دنيا وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن خدا کي بہ نہ ڄاتو.


سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.


اي عزيزؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين گنهگار آهيون، تڏهن خدا جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا.


جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


اهي هن جو منهن ڏسندا ۽ سندس نالو هنن جي پيشانيءَ تي لکيل هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ