Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر جنهن وٽ دنيا جو مال آهي، ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي گهُرج ۾ ڏسي مٿس رحم نٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رهي سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪنهن وٽ سنسار جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس ديا نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا ايشور جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پر جنھن وٽ دنيا جو مال اسباب آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنھن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رھي سگھندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچار ماڻهو پنهنجي ڍورن جي بہ سٺي سار سنڀال لهي ٿو، مگر بدڪار جو رحم بہ ظلم وارو رويو آهي.


جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ پنهنجي خالق جي بي‌حرمتي ٿو ڪري. مگر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري، سو خدا جي تعظيم ٿو ڪري.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو جڏهن پاڻ دانهون ڪندو تہ ٻڌڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو.


جيڪو خدا جي شريعت جي نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي دعائن گھرڻ کان خدا نفرت ٿو ڪري.


هن ورندي ڏنن تہ ”جنهن وٽ ٻہ قميصون هجن تہ اهو هڪ انهيءَ کي ڏئي جنهن کي هڪ بہ ڪانهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو بہ اهو ورهائي.“


ڏسو، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل برڪتن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙيون قربانيون خدا کي پسند آهن.


فرض ڪريو تہ ڪنهن ايمان واري ڀاءُ يا ڀيڻ کي پهرڻ لاءِ ڪپڙا ڪونہ آهن ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آهي.


اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس بدن لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو خدا سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.


جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ