Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن اها دائمي زندگي جنهن جو واعدو فرزند يعني عيسيٰ مسيح اسان سان ڪيو آهي، سا اوهان ۾ هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ اهوئي واعدو آهي جو هن اسان سان ڪيو؛ يعني هميشہ جي زندگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 تڏهن اهو امر جيون جنهن جو وچن پٽ يعني يسوع مسيح اسان سان ڪيو آهي، سو اوهان ۾ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:25
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


تنهن کي هن آخري زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ ايندڙ نئين زماني ۾ دائمي زندگي پڻ ملندس.“


آءٌ انهن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“


انهيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي تنهن کي دائمي زندگي ملي.“


اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو تنهن جي ئي زندگي دائمي آهي.


جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس،


شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ دائمي زندگي آهي.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


تنهنڪري جيئن گناهہ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي خدا جي فضل جي حڪمراني اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي ٿي بخشي.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


جيڪو پنهنجي جسماني فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پاڪ روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو پاڪ روح مان دائمي زندگيءَ جو فصل لڻندو.


انهيءَ سبب ئي خدا مون تي رحم ڪيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو پورو پورو تحمل ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.


تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙي زندگي هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪا حقيقي آهي.


انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنهن زندگيءَ جي اسين اميد رکون ٿا.


هو جيڪو خود زندگي هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ دائمي زندگيءَ بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪا خدا پيءُ سان هئي ۽ اسان تي ظاهر ٿي.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ