Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:22 - Muslim Sindhi Bible

22 هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پيءُ ۽ فرزند جو انڪار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ڪوڙو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو هن ڳالهہ جو انڪار ٿو ڪري تہ يسوع ئي مسيح آهي؟ مخالف مسيح بہ اهو ئي آهي، جو پيءُ ۽ پٽ کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ”يسوع اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پتا ۽ پٽ جو انڪار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 تہ پوءِ ڪير ڪوڙو آھي؟ سواءِ انھيءَ جي جيڪو انڪار ڪري چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اھو مسيح نہ آھي.“ اِھو ئي مسيح جو دشمن آھي، ڇوتہ ھو پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي جو انڪار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.


ڇو تہ گھڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي گھڻن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ خدا سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.


پيارا ٻارؤ! هي آخري وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ هي ئي آخري وقت آهي.


جيڪو فرزند جو انڪار ٿو ڪري تنهن وٽ پيءُ بہ نہ آهي، پر جيڪو فرزند جو اقرار ڪري ٿو تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو خدا سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.


پر جيڪو ماڻهو عيسيٰ بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ خدا جو روح نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جو روح آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اهو روح اچڻ وارو آهي، بلڪ هاڻي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.


جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ دنيا ۾ ڪيترائي گمراهہ ڪندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ