Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو هم‌ايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو وشواسي ناري پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن پرڀوءَ جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا سنت ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تون هڪ اهڙو باغ ۽ اهڙو چشمو آهين، جيڪو ٻين سڀني لاءِ بند آهي.


ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟


عيسيٰ جڏهن پطرس جي گھر آيو تہ اتي ڏٺائين تہ پطرس جي سس بخار سبب بستري تي پيئي آهي.


ان وقت شمعون جي سس بخار سبب بستري تي پيئي هئي. سو جيئن ئي عيسيٰ اتي پهتو تہ کيس هن جي بيماريءَ بابت ٻڌايائون.


ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنهن کي ”قوم‌پرست“ ڪري چوندا هئا،


تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماءُ ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“


پوءِ هو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ هن ڏانهن نهاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا (يعني پطرس) جي نالي سان سڏبين.“


تنهن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.


اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.


اسان جي هم‌ايمان ڀيڻ فيبي، جيڪا ڪنخريا شهر واري ڪليسيا جي خدمتگار آهي، تنهن جي آءٌ اوهان کي پارت ٿو ڪريان تہ


منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“


انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن غير ايمان وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ ايمان وارو مڙس يا زال پابند نہ آهي. پر ڏسو، خدا اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.


جيستائين مڙس جيئرو آهي تيستائين زال سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو هجي.


تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي نعمت مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙي تہ ڪنهن کي ڪهڙي.


جيڪي هن وقت پرڻيل نہ آهن، تن کي ۽ خاص طور رنن‌زالن کي منهنجي صلاح آهي تہ انهن لاءِ اهو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ اڪيلو آهيان تيئن هو بہ رهن.


اتي مون خداوند عيسيٰ جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين رسولن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.


اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون خدا انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


وڏي عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پاڪيزگيءَ سان سمجھاءِ.


هر اڳواڻ اهڙو هجي جنهن تي ڪو الزام نہ هجي ۽ هو پنهنجيءَ زال سان وفادار هجي. هن جي ٻارن جي هلت چلت ايمان وارن جي لائق هجي ۽ بدچاليءَ ۽ گستاخيءَ جي تهمت کان پاڪ هجن.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ