Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻيئي آھن، پر انعام رڳو ھڪڙي کي ئي ملندو آھي؟ اوھين بہ ائين ئي ڊوڙو تہ جيئن انعام کٽو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:24
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو صبح جو گھوٽ جيان پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري ٿو، ۽ هڪ پرجوش جوان جيان گوءِ ۾ ڊوڙڻ لاءِ تيار ٿو ٿئي.


هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.


خداوند ورندي ڏيندي چيس تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن تو کي ٿڪائي وڌو آهي، تہ پوءِ تون گھوڙيسوارن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندين؟ جيڪڏهن تون کُليل ميدان ۾ ئي ٿاٻڙجين ٿو، تہ پوءِ تون اردن درياءَ جي ٻيلن ۾ ڪيئن ڪندين؟


آءٌ نبين سان ڳالهائيندو رهيس، ۽ کين رويا مٿان رويا ڏيکاريندو رهيس، ۽ انهن نبين جي ئي وسيلي مثال ڏيئي اوهان کي سمجھائيندو رهيس.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟


اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي برڪتن ۾ حصيدار ٿيان.


تنهنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان، نڪي آءٌ هوا ۾ مڪون ٿو هڻان،


آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.


اوهين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي سچ جي پيرويءَ کان روڪين ٿا؟


۽ انهن منجھہ زندگيءَ جي پيغام تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.


تنهن منزل ڏانهن زور لڳائيندو ڊوڙندو وڃان، تہ جيئن سربلنديءَ وارو اهو انعام کٽان جنهن جو سڏ عيسيٰ مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري خدا وٽان آيو آهي.


ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ ملائڪن جي پوڄا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ زندگي گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان محروم رکي. اهڙو ماڻهو رويائن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي جسماني عقل تي ڦونڊجي ٿو.


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ