Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:20 - Muslim Sindhi Bible

20 يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ يهودين جي لاءِ آئون يهودين جهڙو ٿيس تہ يهودين کي هٿ ڪريان؛ جيڪي شريعت جي ماتحت آهن، انهن جي لاءِ آئون شريعت جي ماتحت ٿيس، جيتوڻيڪ آئون پاڻ شريعت جي ماتحت نہ هوس، سو انهي لاءِ تہ شريعت وارن کي هٿ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. نيم جي پابندن لاءِ آءٌ نيم جو پابند بڻيس تہ جيئن نيم جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ نيم جو پابند ڪين هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 يھودين لاءِ آءٌ يھودين جھڙو بڻيس تہ جيئن يھودين کي ھٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس طهر ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي خبر هئي تہ تيمٿيس جو پيءُ غير يهودي هو.


ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.


انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.


جيئن تہ شريعت جي وسيلي آءٌ گنهگار قرار ڏنو ويو آهيان، سو شريعت جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن خدا جي نسبت ۾ جيئرو رهان.


اوهين جيڪي شريعت جي تابع رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين شريعت جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟


انهيءَ لاءِ تہ شريعت جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني ايمان وارن کي خدا جا ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.


پر جيڪڏهن اوهين پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ