Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 8:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيتوڻيڪ زمين ۽ آسمان جي گھڻين ئي شين کي خدا ۽ خداوند سڏيو وڃي ٿو ۽ اهڙن گھڻن ئي ديوتائن جي پوڄا بہ ڪئي وڃي ٿي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آسمان ۾ توڙي زمين تي گهڻا ئي آهن جن کي خدا ڪري ٿا سڏين، جيئن تہ گهڻا ئي ديوتا ۽ ڌڻي آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جيتوڻيڪ ڌرتيءَ ۽ آڪاش جي گھڻين ئي شين کي ايشور ۽ پرڀو سڏيو وڃي ٿو ۽ اهڙن گھڻن ئي ديوتائن جي پوجا بہ ڪئي وڃي ٿي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جيتوڻيڪ آسمان ۽ زمين ۾ گھڻا ئي خدا سڏجن ٿا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خدا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خداوند آھن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 8:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن.


اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن. پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي، بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.


پوءِ جڏهن ماڻهو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوهان جي خاطر آءٌ ڪنهن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“


بيشڪ ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ خدا جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آهن.


خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ