Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:35 - Muslim Sindhi Bible

35 اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ اهو آئون اوهان جي فائدي لاءِ ٿو چوان، نہ انهي لاءِ تہ اوهان کي ڦاسايان، پر انهي لاءِ تہ جيئن مناسب آهي تيئن اوهين بنا ڪنهن رنڊڪ جي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:35
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آسمان جي بادشاهيءَ جي لاءِ پنهنجي نفس کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“


تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي.


”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو ابنِ آدم جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.


جيڪي ڪانڊيرن واري زمين ۾ ڪريا سا زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي پيغام ٻڌن تہ ٿا پر هلندي هلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.


پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.


پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو گناهہ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو گناهہ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران.


جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڇوڪري جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونهي.


جيئن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


ساڳيءَ طرح پوڙهين عورتن کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت خداپرستيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ