Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ۽ مڙس بہ پنهنجيءَ زال کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن زال کڻي پنهنجي مڙس کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 (پر جي کڻي ڌار ٿئي تہ وري نہ پرڻجي، يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي؛) ۽ مڙس پنهنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ۽ پتي بہ پنهنجي پتنيءَ کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن پتني کڻي پنهنجي پتيءَ کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي پتيءَ سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پر جيڪڏھن ھوءَ کڻي جدا ٿئي ٿي تہ وري ٻي شادي نہ ڪري، بلڪ پنھنجي مڙس سان پرچي وڃي ۽ مڙس بہ پنھنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي زال کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


۽ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا زال پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنهن ٻئي سان پرڻجي ٿي، سا بہ زنا ٿي ڪرائي.“


تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“


ڏسو، شريعت موجب جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“


باقي جيڪي پرڻيل آهن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند عيسيٰ حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنهنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي


باقي هِنن لاءِ خداوند عيسيٰ جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ايمان واري ڪنهن ڀاءُ جي زال غير ايمان واري هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي.


هو کانئس چانديءَ جا هڪ سؤ سڪا ڏنڊ وٺي ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل جي هڪڙي ڪنواري ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي. پوءِ اها ڇوڪري سندس زال ٿي رهي ۽ هو سڄي حياتيءَ تائين کيس طلاق نہ ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ