Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪو ڪڃريءَ سان گڏ ٿو ٿئي، سو اُنهي سان هڪ بدن ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”اُهي ٻئي هڪڙو جسم ٿي پوندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو وئشيا سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ شرير ٿي پوي ٿو؟ اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي سبب آهي جو مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اهي ٻئي گڏجي هڪ ٿي ويندا.


تنهن تي هنن وراڻيو تہ ”ڇا ڀلا هن کي اسان جي ڀيڻ سان هڪ بازاري عورت جهڙي هلت ڪرڻ کپندي هئي؟“


پوءِ جڏهن يهوداہ هن جو منهن ڍڪيل ڏٺو تڏهن سمجھيائين تہ ”هيءَ ڪا بازاري عورت آهي.“


اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ يهوداہ کي ٻڌايو تہ ”تنهنجي نُنهن تمر ڪسبياڻيءَ وارو ڪم ڪيو آهي ۽ پيٽ ٿي پيو اٿس.“ تڏهن يهوداہ چيو تہ ”ٻاهر وٺي اچوس تہ کيس ساڙيو وڃي.“


۽ ٻہ جسم گڏجي هڪ ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن.


ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن دنيا جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟


زال مڙس بابت پاڪ ڪلام ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا.“


ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو.


هڪڙي ڏينهن سمسون غزہ شهر ڏانهن ويو. اُتي هن هڪ ڪسبياڻي ڏٺي، سو هو وٽس رات گذارڻ لاءِ ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ