Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:5
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اونداهيءَ جي تري ۾ پيل ڳُجھن کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو.


عقلمنديءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي ساراهہ ڪئي ويندي آهي، مگر بي‌عقل ماڻهوءَ کي حقير ڄاتو ويندو آهي.


اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


بيشڪ خدا اسان جو هر ڪيل ڪم پنهنجيءَ عدالت ۾ آڻيندو ۽ انهيءَ موجب اسان کي بدلو ڏيندو، پوءِ اهو چڱو ڪم هجي يا برو، توڙي جو اهو ڳجھيءَ طرح ڪيو ويو هجي.


ڏسو، اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا تنهن تي منهنجي نظر آهي. ڇا اوهان جا ڪم مون کان ڳجھا آهن؟ ڇا اوهان جي ڪا بدڪاري مون کان لڪل آهي؟


منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘


اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


”تنهنڪري مخالفن کان نہ ڊڄو. جيڪو هينئر آءٌ اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوهين ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوهين اڪيلائي ۾ مون کان ٻڌو ٿا سو کُليو کُلايو پڪارجو، ڇاڪاڻ تہ ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.


ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.


سڀاڳو آهي اهو نوڪر جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.


تنهن تي هن جي مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


تنهن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ خدا بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ خدا بہ اوهان کي معاف ڪندو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“


ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو شاگرد ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ عيسيٰ انهيءَ شاگرد بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“


اوهين جيڪي هڪٻئي کان عزت ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪا عزت هڪڙي خدا جي طرفان ملي ٿي تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو.


هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.


مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو.


پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل خدا ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي طهر اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو طهر لکيل شريعت مطابق نہ، پر روحاني هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


جو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ آهي.


جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“


مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ ماني کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين خداوند عيسيٰ جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي.


پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيئرو ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيئرا ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن.


تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر اجورو ملندو.


ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو خداوند آڏو سچو آهي.


اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي خطن ذريعي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن جسم ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين شريعت تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي گنهگار قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن خدا اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙي ئي زندگي گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آسمان باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.


چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، خداوند پنهنجي لکين ملائڪن سان ايندو.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا ڪتاب بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن ڪتابن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ