Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي ڳالهين تي نہ، پر قدرت تي مدار رکي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت ڳالهين تي نہ پر طاقت تي منحصر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ ڳالهين تي نہ، پر شڪتيءَ تي مدار رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت ڳالھين تي نہ، پر طاقت تي مدار رکي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ خدا جي قدرت آهي، جيڪو مسيح تي ايمان آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.


ياد رک، خدا جي بادشاهي کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اها سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پاڪ روح جي هئڻ ڪري آهي.


اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي.


پر جن ماڻهن کي خدا سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.


منهنجي تقرير ۽ تبليغ ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جهڙيون ثابت ٿي پئي ويون،


خداوند عيسيٰ اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.


انهيءَ لاءِ جو جيڪا خوشخبري اسان اوهان وٽ پهچائي سا نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پهتي آهي. اوهين بہ اسان بابت ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اوهان جي خاطر ڪهڙي زندگي گذاريسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ