Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار نگهبان بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پيئر گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پيءُ بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وسيلي اوهين عيسيٰ مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اوهان کي مسيح ۾ ڏهہ هزار اُستاد هجن تہ بہ اوهان جا گهڻا ابا ناهن. ڇالاءِ جو خوشخبريءَ جي وسيلي آئون ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ پيءُ ٿيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار سنڀاليندڙ بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پتا گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پتا بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي پرچار وسيلي اوهين يسوع مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 جيتوڻيڪ مسيحي زندگيءَ ۾ اوھان جا ڏھہ ھزار استاد ھجن، پر اوھان جو پيءُ تہ رڳو ھڪڙو ئي آھي. ڇالاءِ⁠جو خوشخبريءَ جي وسيلي آءٌ ئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو پيءُ ٿيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:15
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا هي سڀ ماڻهو منهنجي پيٽ ۾ پيل هئا ۽ مون کين ڄڻيو آهي؟ تون مون کي ائين ڇو ٿو چوين تہ جيئن ڪا دائي کيرپياڪ ٻار کي کڻندي آهي تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟


منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان،


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو.


سو خدا جو فضل جيڪو هن مون کي بخشيو آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.


مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر اجورو ملندو.


جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون.


ساڳيءَ طرح خداوند عيسيٰ بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.


پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ منادي ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي.


تہ پوءِ منهنجو اجورو ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جي مفت منادي ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي منادي ڪرڻ سان حاصل آهي.


اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي برڪتن ۾ حصيدار ٿيان.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر عيسيٰ مسيح بابت تبليغ ڪريون ٿا تہ هو ئي خداوند آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوهان جا خادم آهيون.


مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو نگهبان ٿيندو آهي، تيئن شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگهبان ٿي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون.


هاڻ جڏهن ايمان واري واٽ ملي ويئي آهي تہ پوءِ اسين شريعت جي نگهبانيءَ هيٺ نہ رهيا آهيون.


اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ عورت وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.


ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.


هي خط آءٌ تو طيطس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.


آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ هن جو لهڻو ليکو آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي مون کي ائين چوڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي تہ تنهنجي جان ئي منهنجي قرضدار آهي.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


اوهين فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج، يعني خدا جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ