Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم، جو هن تي اڏيل هوندو، سو جٽاءُ ڪندو تہ انهي کي اُجورو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو لاڀ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏاها ماڻهو آسمان جي نور جيان چمڪندا، جن جي ڪوشش سان گھڻا ئي سچائيءَ جي پاسي آيا هوندا. اهي ڏاها ماڻهو هميشہ هميشہ لاءِ تارن وانگر پيا چمڪندا.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر اجورو ملندو.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان منادي ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي اجوري جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،


تنهنڪري هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انهيءَ حالت ۾ هو رڳو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ هن کي ڪنهن ٻئي سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.


ڀلا، اسان جي خداوند عيسيٰ جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس حضور ۾ حاضر هوندا؟


آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.


اوهان ۾ جيڪي ڪليسيائن جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جلوي ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ