1.ڪرنٿين 2:10 - Muslim Sindhi Bible10 پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 اُهي خدا پنهنجي روح جي وسيلي اسان تي ظاهر ڪيون: ڇالاءِ جو روح سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو، بلڪ خدا جي ڳوڙهين ڳالهين کي سمجهي ٿو وٺي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible10 پر اسان تي ايشور اهو پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما سڀني ڳالهين کي، بلڪ ايشور جي ڳجھين ڳالهين جي بہ سڌ حاصل ڪري ٿي وٺي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 پر اسان تي خدا اھا پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ڪئي آھي، ڇالاءِجو پاڪ روح سڀني ڳالھين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالھين کي بہ پرکي ٿو وٺي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.
پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.