Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جيڪو پرڀو يسوع سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا پرڀو! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 لعنت آھي ان تي جيڪو خداوند سان پيار نہ ٿو ڪري. اي اسان جا خداوند! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:22
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا محبوب! مون کي ٻڌاءِ. تون پنهنجو ڌڻ ڪٿي چاريندو آهين؟ ۽ ٽاڪ منجھند جو پنهنجي ڌڻ کي آرام لاءِ ڪٿي ٿو ويهارين؟ ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ تو کي ڳوليندي تنهنجي سنگتين جي ڌڻن ڀرسان رلندي وتان.


هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.


ٻڌو، هاڻي آءٌ پنهنجي محبوب جو گيت ڳائيندس. هائو، آءٌ سندس انهيءَ محبت جو گيت ڳائيندس، جيڪا هن کي پنهنجي انگورن جي باغ سان آهي. هڪڙي زرخيز ٽڪريءَ تي منهنجي محبوب جو انگورن جو باغ هو.


جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“


تنهن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پيءُ هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پيءُ هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.


جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پيءُ کان نفرت ڪن ٿا.


اهڙيءَ طرح اهو منهنجو جلوو ظاهر ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.


پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ ئي خداوند آهي.


سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


شل انهن سڀني تي فضل ٿيندو رهي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.


اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ خداوند عيسيٰ اسان جي ويجھو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


تنهنڪري اوهان ايمان آڻڻ وارن لاءِ اهو قيمتي آهي. پر ايمان نہ آڻڻ وارن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ هي لکيل آهي تہ ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي،“


اسين پيار انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پهريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آهي.


جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ