Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:56 - Muslim Sindhi Bible

56 ڏسو، موت جو ڏنگ گناهہ آهي ۽ گناهہ جي طاقت شريعت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

56 موت جو ڏنگ آهي گناهہ، ۽ گناهہ جو زور آهي شريعت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

56 ڏسو، موت جو ڏنگ پاپ آهي ۽ پاپ جي شڪتي نيم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

56 موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:56
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


عيسيٰ وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


پر فضل واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ خدا جو فضل ڪيڏو نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي.


اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي فضل ۽ خدا ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ عطا ٿئي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا.


مطلب تہ شريعت انهيءَ لاءِ آئي تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري گناهہ وڌي. پر جتي گناهہ گھڻو وڌيو اتي خدا جو فضل انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌيو.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ