Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:28 - Muslim Sindhi Bible

28 ڏسو، جڏهن خدا سڀ ڪجھہ فرزند جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن فرزند پنهنجو پاڻ خدا جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون فرزند جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 ڏسو، جڏهن ايشور سڀ ڪجھہ پٽ جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن پٽ پنهنجو پاڻ ايشور جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون پٽ جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ ايشور ئي سڀ ڪجھہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ھاڻي جڏھن ھن ائين ڪيو آھي تہ پوءِ پٽ پنھنجو پاڻ خدا جي تابع ٿيندو. انھيءَ خدا سڀ شيون مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪيون تہ جيئن سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:28
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.


اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، ۽ جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،


اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون کان وڏو آهي.


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي.


ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر خدا تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.


جيڪڏهن مئل وري جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مئل واقعي ئي جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ انهن جي حق ۾ ماڻهن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟


جڏهن تہ اوهين سڀيئي مسيح جا آهيو ۽ مسيح خدا جو آهي.


جيڪا مسيح جو بدن آهي. مسيح سان ئي ڪليسيا جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.


هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ