1.ڪرنٿين 15:24 - Muslim Sindhi Bible24 انهيءَ کان پوءِ آخرت ٿيندي، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ طاقت کي ختم ڪري بادشاهي خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 انهي کان پوءِ آخرت ايندي، جڏهن هو سڀ حڪومت، ۽ سڀ اختياري، ۽ سڀ طاقت نيست ڪري بادشاهت خدا کي، يعني پيءُ کي سونپي ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible24 انهيءَ کان پوءِ انت ٿيندو، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ شڪتيءَ کي ختم ڪري راڄ ايشور يعني پتا جي حوالي ڪري ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament24 پوءِ آخرت ٿيندي ۽ مسيح ھر حڪومت، ھر اختياريءَ ۽ طاقت کي برباد ڪري بادشاھت خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“