Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هاڻ جيڪڏهن مسيح جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آهي ۽ اوهان جو ايمان رکڻ بہ اجايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جي مسيح جي ڪونہ اُٿيو آهي تہ اسان جي منادي اجائي آهي، ۽ اوهان جو ايمان بہ اجايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 هاڻ جيڪڏهن مسيح جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جو پرچار اجايو آهي ۽ اوهان جو وشواس رکڻ بہ اجايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيڪڏھن مسيح جِي ڪونہ اٿيو آھي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آھي ۽ اوھان جو ايمان بہ اجايو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن هڪڙي ڪبوتري اڏاري، انهيءَ لاءِ جو خبر پوي تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ.


پوءِ ڇا مون اجايو پنهنجيءَ دل کي صاف رکيو آهي؟ ۽ ڇا ناحق مون پنهنجي هٿن کي پاڪ رکيو آهي؟


پر تڏهن بہ مون دل ۾ چيو تہ ”منهنجي محنت جو تہ ڪو فائدو نہ ٿيو، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي.“ انهيءَ هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ خداوند منهنجو انصاف ڪندو، ۽ منهنجو خدا مون کي اجر ڏيندو.


هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


جيڪڏهن مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي.


۽ جيڪڏهن مسيح جيئرو ڪري نہ اٿاريو ويو آهي تہ اوهان جو ايمان رکڻ اجايو آهي ۽ اوهين اڃا تائين پنهنجن گناهن ۾ غرق آهيو.


انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.


آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.


ڏسو، جيئن تہ اسان جو ايمان آهي تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو، تيئن اسان جو هي بہ ايمان آهي تہ جيڪي عيسيٰ ۾ مري ويا آهن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ رهائيندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ