Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيتوڻيڪ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين سڀ نامعلوم ٻوليون ڳالهايو، پر بهتر ائين آهي تہ نبوت ڪريو. ۽ جيڪو نامعلوم ٻوليون ٿو ڳالهائي سو جيڪڏهن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ترجمو نہ ڪري سگهي، تہ انهي کان نبوت ڪندڙ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 منھنجي مرضي آھي تہ اوھين سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھايو، پر وڌيڪ سٺو ائين آھي تہ خدا جو ڪلام ٻڌايو. جيڪو عجيب ٻوليون ٿو ڳالھائي سو جيڪڏھن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ انھيءَ جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ انھيءَ کان خدا جو ڪلام ٻڌائيندڙ وڌيڪ سٺو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن چيو تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ٺيڪ آهي.“


جيڪي ايمان آڻيندا، تن ۾ قدرت جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا.


پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي ايمان کي وڌائي سگھون.


پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.


جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.


محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي. محبت حسد نہ ٿي ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي.


سو اوهين محبت جا طلبگار رهو. انهيءَ کان علاوہ پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.


دعا گھرندڙ بيشڪ چڱيءَ طرح خدا جو شڪرانو ڪندو هجي، پر انهيءَ سان ٻئي جي تہ ڪابہ ترقي نہ ٿي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ