Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:40 - Muslim Sindhi Bible

40 پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون فضيلت ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 پر سڀ ڳالهيون فضيلت سان ۽ ترتيب وار ڪرڻ کپن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون سهڻي ڍنگ ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پر سڀ ڪجھہ چڱيءَ طرح ۽ ترتيب سان ھجڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:40
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سردارن کي چئُہ تہ انهن مان هر هڪ سردار هڪ هڪ ڏينهن قربان‌گاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجو نذرانو پيش ڪري.“


اهڙيءَ طرح فضيلت سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ حسد ۾ هلو.


جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس.


ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ روحاني طور اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو ايمان ڏسي خوش ٿو ٿيان.


مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي ڪليسيا ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ