Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:36 - Muslim Sindhi Bible

36 اي ڪرنٿيؤ! ڇا خدا جو پيغام اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ڇا خداوند جو ڪلام اوهان منجهان نڪتو؟ يا رڳو اوهان وٽ آيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 اي ڪرنٿيؤ! ڇا ايشور جو سنديش اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 ڇا خدا جو ڪلام اوھان کان شروع ٿي ھليو آھي؟ يا اھو رڳو اوھان وٽ ئي پھتو آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:36
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ‌حيات جو چشمو وهي نڪرندو، جنهن جو اڌ اوڀر طرف کاري سمنڊ ڏانهن وهندو ۽ اڌ اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ ڏانهن. اهو چشمو اونهاري توڙي سياري وهندو رهندو.


تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادت‌خانو هو.


جيڪي ماڻهو پولس کي ڇڏڻ هليا هئا، سي ساڻس اٿينس شهر تائين گڏ آيا. پوءِ هو بيريا ڏانهن پولس جي هن هدايت سان موٽيا تہ ”جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس مون سان اچي ملن.“


باقي جيڪڏهن اهي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنهنجي پنهنجي مڙس کان پڇن. جڏهن تہ ڪليسيا جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪابہ مداخلت ڪرڻ عورت لاءِ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.


جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص روحاني حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو خداوند عيسيٰ جو حڪم آهي.


تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي خدا کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي خدا کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟


اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري خداوند عيسيٰ بابت پيغام ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو خدا تي ايمان هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ