Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:34 - Muslim Sindhi Bible

34 عورتن کي ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي تابعداري ڪندي خاموش رهن. اهو ئي شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 نارين کي منڊلين جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي وس هيٺ رهندي خاموش رهن. اهو ئي نيم شاستر ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:34
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“


اوهين پاڻ ئي فيصلو ڪريو تہ ڇا اهو مناسب آهي جو خدا جي آڏو عورت اگھاڙي مٿي سان دعا گھري؟


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي.


جيڪا عورت مٿي اگھاڙي دعا ٿي گھري يا خدا جو پيغام ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جي بي‌حرمتي ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


باقي جيڪڏهن اهي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنهنجي پنهنجي مڙس کان پڇن. جڏهن تہ ڪليسيا جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪابہ مداخلت ڪرڻ عورت لاءِ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اي زالون! خداوند عيسيٰ جون هئڻ ڪري جيئن اوهان لاءِ مناسب آهي، تيئن پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو.


سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ