Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:29 - Muslim Sindhi Bible

29 خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ نبوت ڪرڻ وارا بہ ٻہ يا ٽي ڳالهائين، ۽ ٻيا هنن جي ڪلام جي جاچ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 جيڪي خدا جو پيغام ٻڌائڻ چاھين، تن مان ٻہ يا ٽي ڳالھائين ۽ ٻين کي خيال سان پرکڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:29
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انطاڪيا جي ڪليسيا ۾ خدا جو پيغام ڏيندڙن ۽ استادن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو بادشاهہ هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.


پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.


جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


پر جيڪڏهن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ نہ هجي تہ اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ ڪليسيا ۾ ماٺ ڪري ويهي. هو رڳو دل ۾ خدا سان ڳالهائي.


انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪنهن ويٺل تي مڪاشفو نازل ٿئي تہ ڳالهائيندڙ بس ڪري کيس ڳالهائڻ ڏئي.


خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ پنهنجي روحاني نعمت کي انهيءَ ترتيب مطابق ضابطي ۾ رکي سگھن ٿا.


جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص روحاني حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو خداوند عيسيٰ جو حڪم آهي.


مطلب تہ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو ۽ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ کان منع نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ