Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ وقت ٻہ يا وڌ ۾ وڌ ٽي ڄڻا واري واري تي ڳالهائين ۽ هڪ ڄڻو سندن ترجمو بہ ڪندو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 جيڪڏهن ڪي ماڻهو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائين، تہ ٻہ، يا وڌيڪ ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا ٿي ڳالهائين، سي بہ واري واري؛ ۽ هڪڙو سمجهائيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ وقت ٻہ يا وڌ ۾ وڌ ٽي ڄڻا واري واري تي ڳالهائين ۽ هڪ ڄڻو سندن ترجمو بہ ڪندو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 عجيب ٻوليءَ ۾ ٻہ يا لاچار ٽي ڄڻا ھڪ وقت واري واري تي ڳالھائين ۽ ڪوبہ ھڪ ڄڻو ترجمو ڪندو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:27
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.


تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو خدا سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.


پر جيڪڏهن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ نہ هجي تہ اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ ڪليسيا ۾ ماٺ ڪري ويهي. هو رڳو دل ۾ خدا سان ڳالهائي.


جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ