1.ڪرنٿين 14:25 - Muslim Sindhi Bible25 سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري خدا آڏو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوهان منجھہ موجود آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 ۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible25 سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائيندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ ايشور اوهان منجھہ موجود آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament25 سندس دل جون لڪل ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون ۽ ھو پيشاني رکي خدا جو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوھان ۾ آھي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سموئيل کيس ورندي ڏني تہ ”اهو غيبدان آءٌ ئي آهيان. سو اوهين منهنجي اڳيان ٿي هن ٽڪر واري قربانگاهہ ڏانهن چڙهندا هلو. اوهين اڄ مون سان گڏ ماني کائيندا. باقي تنهنجا گڏهہ جيڪي ٽيون ڏينهن گم ٿي ويا هئا، تن جو تون ڪو خيال نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي لڌا آهن. سڀاڻي صبح جو آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس ۽ جيڪي ٻيو ڪجھہ تنهنجي دل ۾ آهي سو آءٌ تو کي ٻڌائيندس. پر بني اسرائيل جي جيڪا اميد آهي سا ڪنهن ۾ پوري ٿيندي؟ اها تو ۾ ۽ تنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي ۾ پوري ٿيندي.“