Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ روح سان بہ واکاڻ ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تڏهن ڇا ڪجي؟ آئون روح سان بہ دعا گهُرندس ۽ عقل سان بہ دعا گهُرندس: آئون روح سان بہ ڳالهائيندس ۽ عقل سان بہ ڳالهائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ آتما سان بہ پرارٿنا ڪندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ آتما سان بہ مهما ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تڏھن آءٌ ڇا ڪندس؟ آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ عقل سان بہ. آءٌ روح سان بہ ڳائيندس ۽ عقل سان بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟ ڇو تہ هنن کي اوهان جي اچڻ جي ضرور خبر پوندي.


خدا، جنهن جي فرزند بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي دل وَ جان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪندي


پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”خدا سچو نہ آهي، جو هو غضب نازل ڪري ٿو.“


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪا قرباني بتن تي ڪئي وڃي ٿي سا ڪا حيثيت رکي ٿي يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا.


مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منهنجو روح تہ دعا گھرندو، پر دماغ مان ڪليسيا کي ڪو فائدو نہ رسندو.


پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جي منادي هر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس،


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي دعا گھرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي واکاڻ جا گيت ڳائڻ گھرجن.


پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ