تڏهن بني عمون جي اڳواڻن پنهنجي آقا حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين ائين سمجھيو ٿا تہ دائود عذرخواهي ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان ڪري رهيو آهي؟ ڇا دائود پنهنجا قاصد اوهان ڏانهن انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن تہ هو شهر جو حال احوال لهي، انهيءَ جي جاسوسي ڪري ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري ڇڏي؟“