Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هڪڙي کي پاڪ روح ڏاهپ سان ڳالهائڻ جي نعمت بخشي ٿو تہ ٻئي کي ساڳيو پاڪ روح ڄاڻ سان ڳالهائڻ جي نعمت ٿو بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو هڪڙي کي روح جي وسيلي سياڻپ جو ڪلام ٿو ملي، ٻئي کي ساڳئي روح موجب علميت جو ڪلام،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 هڪڙي کي پوِتر آتما ڏاهپ سان ڳالهائڻ جو وردان بخشي ٿي تہ ٻئي کي ساڳي پوِتر آتما ڄاڻ سان ڳالهائڻ جو وردان ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ھڪڙي کي پاڪ روح جي وسيلي ڏاھپ جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻئي کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي علميت جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:8
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو هنن کي پنهنجو سڳورو روح عطا ڪري کين سٺي تعليم ڏني. تو هنن جي کائڻ لاءِ مَنَ بہ بند نہ ڪئي، ۽ اڃ لاهڻ لاءِ تو کين پاڻي عطا ڪيو.


پر نہ، اهو تہ خدا قادرِمطلق جو روح ئي آهي، جيڪو انسان ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي سمجھہ عطا ڪري ٿو.


مون کي سيکار تہ آءٌ تنهنجي مرضيءَ تي هلان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي منهنجو خدا آهين. بيشڪ تون ڀلو آهين، سو مون کي سڌيءَ راهہ تي هلاءِ.


مون هن کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ پنهنجي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي،


بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻهو چونڊيو، جيڪي پاڪ روح ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


جو مسيح ۾ اوهين هر قسم جي ڳالهائڻ ۾ توڙي هر طرح جي ڄاڻ جي لحاظ کان مالا مال ٿي ويا آهيو.


جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


محبت ڪڏهن ختم نہ ٿي ٿئي، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻ‌ڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي مڪاشفو، ڄاڻ، تعليم يا خدا جو پيغام نہ ٻڌايان.


ماڻهوءَ جا خيال سندس روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح خدا جا خيال سندس پاڪ روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڪنهن خداوند جي عقل کي سمجھيو آهي، جو کيس صلاح ڏيئي سگھي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جو عقل مليل آهي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


انهن کان علاوہ پاڪيزگيءَ سان، ڄاڻ سان، بردباريءَ سان، مهربانيءَ سان، پاڪ روح سان، حقيقي محبت سان،


جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني ايمان ۾، پيغام ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ