Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:31 - Muslim Sindhi Bible

31 سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر نعمتون هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 پر اوهين وڏين وڏين نعمتن جي آرزو رکو. ۽ آئون اوهان کي اڃا بہ نهايت عمدو رستو ڏيکاريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر وردان هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 پر اوھين وڏين وڏين نعمتن جي خواھش ڪريو. ھاڻي آءٌ اوھان کي اڃا بہ وڌيڪ سٺو رستو ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:31
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.


سو اوهين محبت جا طلبگار رهو. انهيءَ کان علاوہ پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.


مطلب تہ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو ۽ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ کان منع نہ ڪريو.


هاڻي بتن تي قرباني ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ محبت ترقي عطا ڪري ٿي.


سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


ايمان جي ڪري ئي هابيل خدا آڏو قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني پيش ڪئي. انهيءَ جي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي ايمان جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ