Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي هڪڙي بدن ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح اسان سڀني کي پيئاريو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پوِتر آتما جي وسيلي هڪڙي شرير ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما اسان سڀني کي پيئاري ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:13
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو. اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو، اچي اناج وٺو ۽ کائو. هائو، اچو ۽ اڻ‌مُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.


بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجو روح ٻانهن توڙي ٻانهين تي بہ نازل ڪندس.


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تنهن تي يحيٰ انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو قدرت وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي فضل پٺيان فضل مليو آهي.


آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر خدا جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پاڪ روح کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“


زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آهي، جسم ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي روح آهن ۽ زندگي بہ.


ڏسو، يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل واعدي موجب پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ خدا انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


هاڻ ڇا خدا رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.


ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.


اهڙيءَ طرح انهيءَ ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ پنهنجي رهنماءَ موسيٰ جي بپتسما ورتي.


پر انهيءَ ايمان واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين شريعت جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، ايمان واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين شريعت جا پابند رهياسين.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


اهو راز هي آهي تہ عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي خدا جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي بدن جا عضوا آهن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آهن.


هڪڙو ئي خداوند، هڪڙو ئي ايمان ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد، جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو تنهن جو اجر خداوند عيسيٰ کان ملندس.


انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان خدا سان عهد اقرار ڪجي. اها بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جيئري ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ