Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پاڪ روح جي ڏنل نعمتن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻ‌ڄاڻ رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ روحاني نعمتن جي نسبت اوهين ناواقف رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پوِتر آتما جي ڏنل وردانن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻ‌ڄاڻ رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ڀائرو ۽ ڀينرون، آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ روحاني نعمتن بابت اوھين بي⁠خبر رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي خبر هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اسان جي ابن ڏاڏن جي واقعن کان ناواقف رهو. هو سڀ ڪڪر جي ڇانوَ هيٺان هئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا.


جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص روحاني حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو خداوند عيسيٰ جو حڪم آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيئري رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.


مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي ايمان وارا قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.


پر اي عزيزؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ